اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي ع??لي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري ع??ام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، وز??راعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري ادارن، کاتن ت??ئي?? ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل ش??ري?? جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وز??راعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو وز??راعظم عمران جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ?? وز??راعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ ش??ري??، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.