اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻ?? چيو آهي ته قطر سا?? دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن کي مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو سا?? ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت وائرس تي ضابطو آڻن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، عالمي ۽ علائقائي سطح تي پارليامينٽن تي موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميداري لاڳ?? ٿئي ٿي، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي موجب اهڙن خيالن جواظهار هن سومر ڏينهن قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سا?? ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اهم معاملن، ڪورونا وائرس جي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، اداره ج??تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چ??ئرمين چيو ته قطر سا?? دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو سا?? ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، وبا جي خلاف عالمي سطح تي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.