اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ??رپ??ن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ??رپ??ن ڪنگز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيا آهن، عوام جي خلاف ??رپ??ن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ??رپ??ن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.