سيالڪوٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چ??و آهي ته لنڊن ۾ مافيا پنهنجو مال بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري ره??و آهي، اڳواڻ کي بيمار چئي ضمانت وٺندڙ انهي اپارٽمينٽ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن، کربن جي اپارٽمينٽ ۾ ويهي عوام جي درد جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جي معاشي پاليسين جي ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، شريف فيملي ساٿين سميت لنڊن بدران پاڪستان ۾ اجلاس ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف لنڊن اپارٽمينٽس جي ملڪيت کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو، سسيلين مافيا چورائيندڙ گاڊ فادر اڄ انهي اپارٽمينٽ ۾ سياسي اجلاس ڪري ره??و آهي، هن چيو ته عدالتن کي گهربل ۽ فرار ماڻهو جيڪو قانون جو ڏوهاري ۽ جوابدار به آهي، پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتون کيس گهرائي ره??و آهن.