شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ??ينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ م??اهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزير??عظ?? هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف ??ٽي منصوبا قائم ڪرڻ ج?? دعوت ڏني. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ليانگ هوا وزير??عظ?? شهباز شريف ??و شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وزير??عظ?? هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وزير??عظ?? کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وزير??عظ?? کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف ??ٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وزير??عظ?? ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? هواوي کي پاڪستان جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف ??ٽي منصوبا قائم ڪرڻ ج?? دعوت ڏني. وزير??عظ?? چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وزير??عظ?? شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ج?? دعوت پڻ ڏني. وزير??عظ?? هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني. بعد ۾ وزير??عظ?? هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ م??اهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف ??ٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وزير??عظ?? ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.