اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي ر??ورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي ??ڏهن ت?? خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ??يل??ي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي ??ابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي ر??نمائي ڪئي وئي. عوامي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.