اسلام آب??د – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اسلام آب??د لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آب??د جي ڊپٽي رجسٽرار کي فو??ي ط??ر تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آب??د سرڪل رجسٽرار آفيس ??ي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فو??ي ط??ر تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس ??اري ??ري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪل رجسٽرار آفيس ??ي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نو??ري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل رجسٽرار آفيس ??هري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ??ري ڇڏيا.