اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيش?? جي لحاظ کان ??ضبوط بڻائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي محنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي و??ير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي و??ير زبيده جلال، يو اين وومين جي پاڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون پاڪستان ??ائم ٿيڻ جي وقت کان ??وجود آهن تنهن هوندي به انهن تي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عور?? جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن جي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عور?? جي صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيش?? جي لحاظ کان ??ضبوط بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صح?? جي مسئلن جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان سان خاص طور تي انهن عورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سببن جي ڪري اسپتالن سان ??وري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران ??رضن جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آسان ??رض ڏيڻ جي اسڪيم متع??رف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورتن جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان ??ائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.