اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان جديد تاريخ جو سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ بلڪل واضح انداز ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنج جنوري 1949ع تي گڏيل قومن ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام کي هڪ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ جي حق جي ذريعي خودمختياري واري حق جي ضمانت ڏني، اسان ان ڏينهن کي گڏيل قومن ۽ ان جي مي??بر رياستن کي ڪشمير واسين سان جڙيل ان اڌوري وچن جي يادگيري ڪرائڻ جي طور تي ملهائيندا آه??ون، جنهن کي نڀائڻ اڃ??ن باقي آه??، پاڪستان جديد تاريخ جي سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشمير واسين سان گڏ بلڪل واضح انداز ۾ بيٺل آه??.