اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پ??ڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي طرف گامزن آهي، نئين سال جي دوران منهنجي ترجيح اها آهي ته سڀني شهرين کي علاج جي سهولت حاصل هجي ۽ ڪو ب??يو نه سمهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ??ه ڪورونا وبا جي ڪري سال 2020ع اسان جي لاءِ ۽ سڄي دنيا لاءِ تمام ڏ??يو رهيو پر الله تعاليٰ جي احسان سان اسان ڪيترن کان ئي مضبوط ۽ بهتر رهياسين، اسان نه رڳو پنهنجي ماڻهن کي وبا کان بچائڻ لاءِ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪامياب رهياسين پر انهن کي بک هٿان مرڻ کان به بچايو.