اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ين?? قومي احتساب بيورو ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (FBI) جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ، سي ڊي اي کي اسلام آبا?? ۾ ??سپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ڪرڻ، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وفاقي ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقر??ي ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪرڻ ۽ جاويد غني کي فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن ڪا??ين?? کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪا??ين?? کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ين?? جو اجلاس ٿيو. ڪا??ين?? کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪا??ين?? کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.