تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بل??چس??ان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بل??چس??ان جي سياسي اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن بل??چس??ان کان وڌيڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر بل??چس??ان کان وڌيڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري بل??چس??ان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪ??زور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بل??چس??ان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر ??عا??ي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهري??ن ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪ??رونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد ??قيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.