اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته خيبرپختونخوا صوبي کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي ??سن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آ??ي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿي??دڙ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابي سميت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.