اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپ?? آهن، پاڪستان سدائين افغانستا?? کي سهولتون پهچائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغانستان جي حوالي سان تازن معاهدن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار شامل آهي، پاڪستان افغانستان سميت سمورين سرحدن تي عالمي اصولن موجب ۽ مانيٽرنگ جو موثر نظام يقيني بڻائي رهيو آهي، ڪجهه شرپسند عنصرن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن افغانستان سرحد بند هجڻ سبب رهجي ويل ماڻه?? کي اتساهيو جن چمن سرحد جي داخلي پوائنٽ تي داخل ٿيڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي، ان ڇڪتاڻ تي افغان حڪومت سان به مقامي انتظاميا رابطو ڪيو ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪوورنا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪيون، اهڙي طرح پاڪستان به افغانستان سميت ٻين ملڪن سان پنهنجون سرحدون بند ڪيون جيئن ته افغانستان جو واپار جي لاءِ ڪو سامونڊي رستو نه آهي ان لاءِ افغان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ افغانستان تي طورخم سر??د کي غلام خان سرحد ۽ انگوراڊه سر??د کي شين جي پهچ لاءِ کوليو ويو ۽ بعد ۾ عيد کان اڳ ٻيهر سر??د کي بند ڪيو ويو. روزانو پنهنجي سرحدي جاين تان اڍائي کان ٽي هزار ماڻهن جي اچ وڃ هئي، سرحدون بند هجڻ سان اڪثريت افغاني واپس هليا ويا هئا پر ڪجهه افغاني واپس نه وڃ?? سگهيا. چمن سرحد ويجهو واپار ۽ اسمگلنگ بند هجڻ سبب متاثر ٿيندڙ شرپسند عنصرن ۽ اسمگلرن اتي انهن ماڻه?? کي اتساهيو ۽ چمن سرحد پار ڪرڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي. ان ڇڪتاڻ ۾ افغانستان پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان پاڪستان جي سرحدي چوڪي?? کي نقصان پهتو جنهن تي اسان پاران پڻ جواب ڏنو ويو.