اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪر??چي اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي جان تي کيڏي دهشتگردن جو حملو ن??ڪام بڻائڻ وارن سيڪيورٽي گارڊز کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر چيو ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڙ کان پٽڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪردار ت??سين جي قابل آهي، هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا.