اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت ا??ڪو??ئري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذري?? 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ا??ب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ا??ب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شر??ف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا ??ي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ??ي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذري?? 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ا??ب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ا??ب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذري?? 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ا??ب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ ??ي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ا??ب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.