اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان مشاورتي عمل کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، چين مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبو پاڪ چين مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، سماجي شعبن خاص طور تي غربت جي خاتمي ۽ زراعت ??هڙ?? شعبن جي فروغ جي ڏس ۾ چين جي تجربي مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي ضرور?? آهي. وزيراعظم اهي هدايتون پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي جي حوالي سان اعليٰ سطحي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.