اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائي??دي وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها ه??ايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن ج?? نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها ه??ايت ملڪ ۾ معاشي عمل ??ي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڏني.