اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مب???? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي، سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اس??مب???? جي اسپيڪر سردار اياز صادق سياحت جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقافتي م??اسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪو??ت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خط?? جي گڏيل ورث?? جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي م??قعن ۽ مقامي آباد?? جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.