گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي ختم ڪرڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي جي ج??ءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذري?? 75 ??الن ۾ فلسطين پناهگيرن ل??ءِ اهم لائيف لائن طور يو اين آر ڊبليو اي جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن ل??ءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ ل??ءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين اولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي عملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي ن??ائندي منير اڪرم او آءِ سي جي ن??ائندگي ڪندي گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪرڻ جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي ن??ائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ ل??ءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائي??ي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.