ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ س??يل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، ??لط??ن ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امدادي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ س??يل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ س??يل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانس??اء?? مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ ??اءِ کولي ڇڏيو آهي.