اسلام آباد – 19 211; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بح??لي اسان جو قومي مشن آهي، سڄي ملڪ جي 15 لک ٻوڏ متاثر خاندانن کي فوري طور تي 25 هزار رپيا روڪ امداد جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ جي 15 لک ٻوڏ متاثر خانداننک ي فوري طور تي 25 هزار ڪيش امداد جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته تباهي جي شدت کي سامهون رکندي امدادي رقم جي ورڇ جي شروعات بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين کان ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 37.2 ارب رپيا 90 لک ??اڻ??ن تائين فوري طور تي پهچايا پيا وڃن، اها امدادي رقم گڏيل سروي کانپوءِ جاني ۽ م??لي نقصان جي مد ۾ ڏني ويندڙ رقم کانسواءِ آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بح??لي اسان جو قومي مشن آهي.