اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي ۽ ان جو ٽولو پنجاب جي غريب عوام کان ريليف کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بجلي جي ننڍي صارفين کي ريليف جي فراهمي پنجاب حڪومت جي بجيٽ جو حصو آهي، ا?? جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن، اها ترقياتي ??سڪيم نه آهي، پي ٽي آءِ ان ريليف جي خلاف اليڪشن ڪميشن پٽيشن کڻي وئي ته اهو ريليف ختم ڪيو وڃي، عمران نيازي پاڻ پنهنجي چئن سالن ۾ عوام کي ريليف نه ڏئي سگهيو، هو عوام جو رت چوسيندو رهيو، اڄ هو اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيو آهي ته اهو ريليف واپس ورتو وڃي، عمر??ن خان کي شرم اچڻ گهرجي ته هو عوام کي ريليف ڏيڻ تي ??ه سياست ڪري ٿو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت چئن سالن تائين پنهنجي نالائقي، نااهلي ۽ چوري جي ذريعي هر شعبي ۾ ڌاڙا هڻندي رهي، هن ملڪي معيشت تباهه ڪئي، عوام جو روزگار تباه?? ڪيو، عوام کي ڪنهن به قسم جو ڪو ريليف نه ڏئي سگه??. ه?? چيو ته عمر??ن خا?? جي حڪومت عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو خواب ڏيکاري ڀڄي ويو، هن 90 ڏينهن ۾ ڪرپش?? جي خاتمي جو خواب ڏيکاريو پر پاڻ تاريخي ڌاڙا هنيا، ڪو شعبو اهڙو نه آهي جنهن ۾ چوري، ڌاڙن، هيرن ۽ جواهرات جي خريداري جا داستان نه هجن، اڳوڻي دور ۾ آفيسرن جون بدليُون ۽ مقرريون به قيمت لڳائي ڪيون وينديون هيون، عمر??ن خان چار سال تائين ملڪ تي مڙهيل رهيو، هي اهو ئي وزيراعظم هو جيڪو چوندو هو ته ڊالر جو اگهه ان کي ٽي وي ت??ن خبر پوي ٿي، عمر??ن خان چوندو هو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ سندس ڪم نه آهي، هو پٽاٽا، بصر ۽ ٽماٽن جا ريٽ ڏسڻ ناهي آيو، اڄ اهو ئي شخص مهانگائي تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي جيڪو پاڻ مهانگائي جو ذميوار آه??. ه?? چيو ته عمر??ن خان چار سال احتساب تي ليڪچر ڏنا، ڪوڙا الزام هڻي هن سياسي انتقام ورتو، عمر??ن خان ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي جي هدايت تي ٻاهرئين سازش جو بيانيو گهڙيو، عمر??ن خان جو رويو اهو آهي ت?? ڪير ان تي ??لزام لڳائي يا ڪرپشن ثابت ڪري ته هو ان کي غداري سان ڳنڍين ٿا، اڳ ۾ به هن سياسي مخالفن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ وڌو، زبان بندي ڪئي، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن ۾ وڌو، عمر??ن خا?? جي اها ئي سوچ ۽ رويو اڄ به جاري آه??. ه?? چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ روشن خاندان پروگرام شروع ڪيو، اهو پنجاب حڪومت جي بجيٽ 2022ع جو حصو آهي، پنجاب ۾ 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي بجلي جي قيمت کان ڇوٽ حاصل هوندي، 43 لک ماڻهو گرمين ۾ ۽ 87 لک ماڻهو سردين ۾ ان اسڪيم مان فائدو کڻندا، مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 50 لک ماڻهو ان ريليف اسڪيم ۾ اچن ٿا. هن چيو ته سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ?? جي لاءِ پنجاب حڪومت بجيٽ ۾ روشن خاندان اسڪيم تحت اها اسڪيم متعارف ڪرائ??. ه?? چيو ته پنجاب بجيٽ جي دستاويز ان ڳالهه جي گواهه آهي ته پنجاب حڪومت بجيٽ 2022ع ۾ اها اسڪيم شامل ڪئي ۽ ا?? جي لاءِ فنڊز رکيا. پنجاب حڪومت اهو ريليف پنجاب جي 5 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي ڏنو ۽ عمر??ن خان انهن ماڻهن کان ريليف کسڻ چاهي ٿو، هي اهو ريليف آهي جيڪو اهي نه ڏئي سگهيا. هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار، کنڊ، اٽي، بجلي، گئس چوري ۾ ملوث هو، ترقياتي فنڊز ۽ ڪوويڊ فنڊ چوري ڪيا، ڪو اهڙو شعبو نه آهي جنهن ۾ انهن ڌاڙو نه هنيو هج??. ه?? چيو ته فرح گوگي بشريٰ بي بي ۽ عمر??ن خا?? جي فرنٽ مين هئي، صوبي جي اصل وزيراعليٰ به اها ئي هئي، هن عثمان بوزدار جي ذريعي سمورن شعبن ۾ ڌاڙا هنيا، چوريون ڪيون، عوام جي ٽيڪس جي رقم چوري ڪئ??. ه?? چيو ته اڳوڻي حڪومت چار سال ۾ عوام کي هڪ رپئي جو ريليف نه ڏنو، عمر??ن خان بجلي جي قيمت 11 رپين مان وڌائي 24 رپيا في يونٽ ڪئي، گئس جون قيمتون به وڌي ويون، کنڊ جي قيمت 52 رپين مان 120 رپيا ڪري ڇڏي، اٽي جي قيمت 35 رپين مان 100 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي، انهن دوائن تائين چوري ڪئ??. ه?? چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته ا?? جي دور ۾ دوائون مفت فراهم ڪيون پئي ويون. هن چيو ته گذريل چار سال دوران جن ماڻه?? جي موت ٿي ان جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڪينسر جي مريضن وٽ دوائون خريد ڪرڻ جا پئسا نه هئا، ذيابيطس جي مريضن وٽ دوائون ۽ انسولين خريد ڪرڻ جا پئسا نه هئا. هن چيو ته انهن ماڻهن عوام جو رت چوسيو، چوريون ڪيون، بني گالا کي مني گالا بڻايو، زمينن تي قبضا ڪيا، هيرا جواهرات خريد ڪيا، هي اهي شيون آه?? جيڪي سامهون آيون آهن. هن چيو ته عمر??ن خا?? جي ڪري اڄ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن پر ان سان گڏ اسان عوام کي ريليف ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ عمر??ن خان اهو ريليف عوام کان کسڻ چاهي ٿو. بجاءِ ا?? جي ته هو اهو چوي ته پنجاب حڪومت اهو ريليف ڏنو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ به اهو ريليف ڏنو وڃي، هو اها اسڪيم سمورن صوبن ۾ شروع ڪرڻ جي چوي پر ان جو اصل مقصد عوام کي ريليف ڏيڻ نه پر انهن کان ريليف کسڻ آه??. ه?? چيو ته عمر??ن خان چوي ٿو ته پنجاب جي عوام کي بجلي ۾ ڏنل ريليف اليڪشن ڪمپين جو حصو آهي، اصل ۾ عمر??ن خان ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هن چيو ته اهو ريليف اسڪيم 2022ع جي پنجاب بجيٽ جو حصو آهي، ا?? جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن، اهو ريليف ڏنو ويو آهي، اهو جولاءِ ۾ لاڳو ٿي چڪو آهي، آگسٽ ۾ ان جون ادائيگيون ٿينديون. هن چيو ته اها ترقياتي ??سڪيم نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان ان ريليف جي خلاف پٽيشن اليڪشن ڪميشن ۾ کڻي ويو آهي، اڄ هو اليڪشن ڪميسن ۾ درخواست کڻي وڃي رهيو آهي ته اهو ريليف واپس ورتو وڃ??. ه?? ان ريليف سان 5 ڪروڙ 50 لک عوام کي محروم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمر??ن خا?? جي اهڙي سوچ آهي ته نه پاڻ ريليف ڏي ۽ نه ٻئي کي ڏيڻ ڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي پنجاب حڪومت جي اسڪيم آهي، پنجاب کان پئسا وٺي پنجاب جي عوام کي ڏنا ويا آهن، اهو تاثر ڏيڻ ته اها اليڪش?? جي انائونسمنٽ آهي، بلڪل غلط آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي ته هي عوام کي ريليف ڏيڻ تي ??ه سياست ڪن ٿا. هن چيو ته عمر??ن خان ڄاڻي واڻي اليڪشن ڪميشن پٽيشن کڻي ويو، عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته اها ترقياتي ??سڪيم نه آهي، بجيٽ جو طئي ٿيل حصو آهي، بجيٽ ۾ ا?? جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته اسان عوام سان دوکو نه ٿا ڪريون، مشڪل فيصلا به عوام کي ٻڌائي ڪريون ٿا ۽ عوام کي ريليف به ڏيون ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ جيڪا پٽيشن ڪئي آهي اها مسلم ليگ (ن) يا پنجاب حڪومت جي خلاف نه آهي پر اها پٽيشن عوام کي ريليف ڏيڻ جي خلاف آه??. ه?? چيو ته هي چاهين ٿا ته سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ غريب ماڻهن کي اهو ريليف نه مل??. ه?? چيو ته عمر??ن خان پوري پاڪستان سان زيادتي ڪئي آهي، پوري ملڪ جي ماڻهن کي غريب ڪيو، بيروزگار ڪيو، هي انهي جو تسلسل آه??. ه?? چيو ته اهي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته عمر??ن خان ڪارٽلز ۽ مافياز کي ملڪ تي مڙهيو، هر شعبي ۾ ڌاڙا هنيا. هن چيو ته عمر??ن خان عوام سان زيادتي نه ڪري، عوام اڳ ۾ ئي عمر??ن خا?? جي ڪري مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آه??. ه?? چيو ته هڪ طرف عمر??ن خان اليڪشن ڪميشن ۾ اپيل ڪري ٿو ته عوام کي ريليف کان محروم ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف هو اها به اپيل ڪري ٿو ته فارن فنڊنگ جو فيصلو نه ڪريو جتي ??سٽيٽ بئنڪ ا?? جي چوري ثابت ڪري ڇڏي آه??. ه?? چيو ته هاڻي اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن انهن وٽ اختيار هو. هن چيو ته پنجاب سميت وفاق جي سمورين ڌرين عمر??ن خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ 10 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي دعويٰ هاڻي 10 هزار تي ??چي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت جي اسڪيم اليڪشن ڪمپين جو حصو نه آهي، هي ڪنهن مهيني تي مختصر نه آهي، هي پورو ريليف پئڪيج آهي، جيڪو سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ملندو. پنجاب ۾ انهي جي ڪري بجيٽ پيش نه ڪرڻ ڏني پئي وئي دير تي ??ير ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ڪٿي ان سان عوام کي ريليف نه ملي وڃ??. ه?? چيو ته اهو الله جو ڪرم هوندو آهي ته هو ڪنه?? جي هٿان عوام کي ريليف ڏياري. ڪوڙن ۽ نااهلن کي الله ان ڪم جي توفيق نه ٿو ڏ??. ه?? چيو ته الله تعاليٰ انهن کي هدايت ڏي ته جيئن هي عوام سان راند نه کيڏي سگهن. هڪ سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ اڌار جا ترجمان رهجي ويا آه?? جيڪي هاڻي ذاتيات تي لهي آيا آهن، انهن وٽ اصل موقف بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آه??. ه?? چيو ته اسان ڪنهن به طرح عوام جي حق تي ڌاڙو وجهڻ نه ڏينداسين. پيمرا جي اعليٰ عهدن تي مقررين بابت سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مقرريون جلد ٿينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي پاران پريس ريليز جاري ڪئي وئي آهي ان تي ??مورين پارٽين جو اتفاق آهي.