انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تر??يءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ ٻطر??ي تعاون جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مقصدن تي ٻڌل آهن ۽ اهي لاڳاپا نسل در نسل جاري رهندا، پاڪستان ۽ تر??يءَ جي وچ ۾ ويجهي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيندو جڏهن ته پاڪستان تر?? صدر جي سيپٽمبر ۾ دوري جو به منتظر رهندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سال ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم صدر اردوان ??ان ملاقات کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته تر?? صدر جي فعال قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا. تر??يءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف والهاڻي اس??قبال ۽ پرخلوص مهمان نوازي تي تر?? صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته تر??يءَ اچڻ اسان ??ي لاءِ پنهنجي ٻئي گهر اچڻ برابر آهي. آئون پاڻ سميت پاڪستان ??ي عوام پاران تر??يءَ ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يءَ جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ روحاني ورثي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وقت جي حدن، جاگرافيائي ۽ سياست کان مٿانهان ??هن. اسان ??نهن رشتن کي هڪ مقدس امانت وانگر ڏسون ٿا، جيڪي اسان ??ي وڏن اس??ن کي ڏنا آهن ۽ جن کي اس??ن کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال اس??ن ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون. منهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ??ي بصيرت افروز قيادت ۾ اس??ن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن چيو ته اسان ??ا ملڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاسن ۾ جامع ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهن، جيڪي اسان ??ي گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته صدر اردوان ??يندڙ اعليٰ سطحي اجلاس سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، آئون سندس ٿورائتو آهيان، جنهن اس??ن کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان ??نهن انتهائي نتيجاخيز ملاقاتن جا منتظر آهيون. هن چيو ته اهو به طئي ٿيو آهي ته جون ۾ هڪ مضبوط واپاري وفد پاڪستان ??و دورو ڪندو. اسان ??ي ٽيم اتي ملاقاتن جي لاءِ مناسب تياري ڪندي ته جيئن ٺوس ۽ نتيجاخيز قدم کڻي سگهون. هن چيو ته اي ڪامرس، ٽوئرازم، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جهڙا تمام گهڻا شعبا آهن جن ۾ تر??يءَ وڏي ترقي ڪئي آهي، پن بجلي جي پيداوار ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ اس??ن تر??يءَ مان ??يڙپڪاري جي صورت ۾ تعاون حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪنداسين. اسان ??ا تر?? ڀائر سيڙپڪاري سان منافعو ڪمائيندا ۽ اسان کي سستي بجلي ملندي جيڪا وڏي سوڀ هوندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ تر??يءَ فطري حصيدار آهن، اسان ??ا موقعا به هڪ جهڙا آهن ۽ چئلينج به هڪ جهڙا آهن، اسان ??ي قوم سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پاڪستان ??ي عوامي بنيادي دلچسپي جي مسئلن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ??ي موقف جي حمايت تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيون ٿا. ڪشمير تڪرار تي تر??يءَ جي اڻٿڪ حمايت سان ??هادر ڪشميري عوام کي وڏو حوصلو ملي ٿو، جيڪي 7 ڏهاڪن کان مسلسل ڏاڍ جو شڪار آهن. هن چيو ته مون صدر رجب طيب اردوان کي ڀارتي غيرقانوني قدمن کان ??لائقائي امن ۽ اس??حڪام کي لاڳو خطرن بابت آگاهي ڏني آهي. پاڪستان ??من جي پنهنجي جستجو کي ختم نه ڪندو پر اسان ??ن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ان ??ورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن والاريل ڪشمير ۾ پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??دائين پنهنجي تر?? قبرصي ڀائرن جي مقصد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اسان ??نهن جي جائز حقن ۽ امنگن جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ??هشتگردي خلاف جنگ ۾ تر??يءَ سان گڏ بيٺل آهي. تر??يءَ جا دشمن پاڪستان ??ا دشمن آهن. هن چيو ته اسان ??ي حصيداري سدائين جي ڀلائي جي طاقت آهي ۽ اس??ن هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ??ي گڏيل مقصد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان ??ا ٻئي ملڪ دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪن ٿا ۽ اهو اس??ن پنهنجي محدود وسيلن سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ??يپٽمبر ۾ صدر رجب طيب اردوان ??ي پاڪستان ??ي دوري جا منتظر آهيون، ان ??ان ??سان ??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. جڏهن ته تر??يءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته پاڪستان ۽ تر??يءَ جي وچ ۾ انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عوام جي خوشحالي جي لاءِ پاڪستان ??ان ??قتصادي تعاون ترجيح آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مواصلات، تعليم، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهو تعاون آهي. پاڪستان کي بحري جهازن جي تياري ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. تر?? صدر چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ??ي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. عالمي فورمن تي پاڪستان ??ي ڀرپور حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون. مختلف عالمي فورمن تي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان ۽ تر??يءَ هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته اس??ن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان ??طي جي مفاد ۾ آهي. انساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وام کي ڀرپور امداد فراهم ڪئي وئي. تر?? صدر چيو ته اسان ??ي ڳالهه ٻولهه لاڀائتي ثابت ٿي آهي، مون شهباز شريف ۽ سندس وفد جو تر??يءَ جو دورو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو آهي ۽ پاڪستانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو آهي. جڏهن ته ان کان ??ڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.