اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پوليو جا تازا ڪيس سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سم??ت سم??رين ڌرين پوليو جي ??ات??ي لاءِ محنت ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون ڏئي رهيون آهن، تنهن هوندي به پوليو جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي مڪمل ??ات??ي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پوليو جي ??ات??ي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اهو هنگامي اجلاس وزيراعظم ملڪ ۾ تازو پوليو جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد طلب ڪيو هو. اجلاس ۾ پوليو جي ??ات??ي جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز (وڊيو لنڪ)، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير ال??اس، بلوچستان جو صحت وارو وزير احسان شاهه، خيبرپختونخوا جو صحت وارو صوبائي وزير سليم جهڳڙا (وڊيو لنڪ)، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ عالمي اد??رن جا نمائندا شريڪ هئا، اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته تازا پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳا آهن، سم??رين ڌرين سم??ت وفاقي ادارن، صوبائي حڪومت?? ۽ ??المي اد??رن ملڪ مان پوليو جي ??ات??ي لاءِ محنت ڪئي ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون تنهن هوندي به پوليو جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي ??ات??ي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرايان ٿو، حڪومت پاڪستان عالمي اد??رن سميت ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ٻين اد??رن جو پوليو جي ??ات??ي واري مهم لاءِ فني ۽ مالي امداد تي ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ 3 پوليو ڪيسز اتر وزيرستان ۾ رپورٽ ٿيا، فيبروري 2021ع کان مارچ 2022ع (14 مهينا) جي دوران ڪو به پوليو ڪيس رپورٽ نه ٿيو، بلوچستا?? ۽ ??يبرپختونخوا جا 25 ضلعا پوليو وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان هاءِ رسڪ آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سم??ريون صوبائي حڪومتون پوليو مهم تي ڀرپور ڌيان ڏين، وزيراعظم چيو ته سم??رين ڌرين کي گڏجي پوليو وائرس جي ??ات??ي لاءِ نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، عالمي پارٽنرز سان سهڪار جاري رهندو ته جيئن پوليو جو مڪمل ??ات??و ممڪن ٿي سگهي، وزيراعظم شهباز شريف ٻ??رن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي ??ات??ي واري مهم جو آغاز ڪيو.