اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت جي تبديلي جي مبينه سازش جي معاملي جي مڪمل جاچ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو، عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جس??س کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري. ايوان ??در جي پريس ونگ مان ??ار?? بيان موجب ??در اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو ويو آهي. ??در چيو ته هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير پاران موڪليل سائفر جي ڪاپي پڙهي جنهن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي مددگار ڊونلڊ لو سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطه سمري موجود هئي. هن چيو ته سائفر جي رپورٽ ۾ ڊونلڊلو جا ڪجهه بيان شامل هن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سائفر ۾ رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ”معافي“ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي، ??در چيو ته پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??در قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي هئي ته ڊونلڊلو جا بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ سراسري مداخلت جي برابر آهن ۽ حڪومت پاڪستان بجا طور تي هڪ ڊي مارش ??ار?? ڪيو آهي، ڌمڪيون خفيه ۽ ظاهر ٻئي ٿي سگهن ٿيون، ان خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي، ??در پنهنجي خط ۾ چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ان سان پاڪستان جهڙي هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي وقار کي شديد ٺيس پهتو آهي. ??در چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي ممڪنه رد عمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو، هڪ خودمختيار، غيور ۽ آزاد قوم جي وقار کي شديد نقصان پهتو، معڪاملي جي تفصيلي جاچ ۽ تحقيقات جي ضرورت آهي، ??در چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سازشن جي تحقيقات بي نتيجا رهيون، ان سلسلي ۾ هن راولپنڊي ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم شهيد لياقت علي خان جي قتل، اگرتله سازش ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سري عام خط لهرائڻ ۽ سندس خلاف سازش جي الزام، ??در ضياءُ الحق جي جهاز جي حادثي، اوجڙي ڪيمپ سانحي، ايبٽ آباد سازش ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ذڪر ڪيو جيڪي بي نتيجا رهيا، هن چيو ته عالمي سطح تي به سازشن جي تصديق ڏهاڪن کانپوءِ ڳجها دستاويز ??ار?? ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳجها دستاويز ??ار?? ڪرڻ تائين ملڪن کي شديد نقصان پهچي چڪو هوندو آهي، ??در ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جس??س کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي تحقيقات ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.