جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سعودي ??رب جي دوري جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي ??رب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ا??ا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ا??ا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غ??ر ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن ع??دالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي ??رب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پي??ا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي ??رب ڀا??را??ي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي ??رب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن ع??دالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??رب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.