اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو وزارت اف??انستان ۾ جاري عالمي غير سرڪاري تنظيمن جي امدادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه اف??ان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي اجلاس دوران شر??ت ڪندڙن کي ٻُڌائي و??ي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس قومي سلامتي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي عهديدارن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قدمن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل اف??انستان ۾ انساني امداد جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي غير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان ??جس??رڊ آهن اهي فائدو کڻي سگهنديون. ??جس??ريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ ??جس??ريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي رهائشي ايڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست تي ڪارروائيءَ لاءِ وقت جو مدو گهٽ ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان اف??انستان ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ پرڏيهي و??ارت، واپار واري و??ارت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شر??ت ڪئي.