اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي ??ان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال ??ور?? ملڪ ??ان سياحن جو رڪارڊ تعداد اتري?? علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاء?? حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن ??ان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ج??ن هدايتون جاري ڪيون.