اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرع??م آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چي?? ته پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرع??م آهي. جاپاني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چي?? ته پاڪستان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چي?? ته جائيڪا ملتان ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزي?? پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان جاپاني سفير جي خد??تن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.