اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم س??ن گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم س??ن گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، بدلجندڙ گهرجن جي موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگا?? موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير اي??وڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪا??يا?? جوان پروگرام تحت هائير اي??وڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪا??يا?? جوان پروگرام جي تعاون سان راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر تعليم س??ن گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم س??ن گڏوگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان سان معاشري کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪجهڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو به نعرو هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪا??يا?? جوان پروگرام جي حوالي سان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهِڙي نصابي سرگرمين جو فرُوغ ضروري آهي. ان سان پاڪستان وٽ عالمي معيا?? موجب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ملازمتن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، بدلجندڙ گهرجن موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگا?? موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير اي??وڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان س??ن گڏوگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائير اي??وڪيشن ڪميشن ان حوالي سان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ ملازمتن جي حوالي سان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان سان اسان کي نقصان ٿيندو.