اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ تي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آ??ي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي پاڻ قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ڪري رهيو آ??ي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حو??لي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آ??ي، عالمي ادارا به وزيراعظم عمران خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.