فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري ??هي?? اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو ??هي?? موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مه?? جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مه?? جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي وڻڪاري مهم کي پوري دنيا ساراهيو ??هي?? اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزب??ني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.