اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاران گهٽ آمدني واري طبقي کي بنيادي سهولتن جي ف??اهمي جي لاءِ پناهگاهون قائم ڪرڻ هڪ انقلابي قدم آهي جنهن سان اهڙو گهٽ آمدني وارو طبقو فائدو کڻندو جيڪي رات جو فٽ پاٿ يا کليل آسمان هيٺ زن??گي گذاري رهيو آهي. سخت موسمي حالتن ۾ زن??گي گذاريندڙن جي لاءِ اه?? قدم مديني جي رياست جي ماڊل جو هڪ مثال آهي جتي غريب طبقن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. حقيقت ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ حڪومت پنهنجي عوام جو ان طريقي سان خيال رکي رهي آهي. پناهگاهن ۾ لکين اهڙن ماڻهن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جيڪي ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهن کي ون اسٽار هوٽل جي برابر مفت رهائش ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. پناهگاهون قائم ڪرڻ جو اه?? منصوبو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران کنيل بهترين قدمن مان هڪ آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جي هڪ ٻئي واعدي کي پورو ڪرڻ جو اظهار پڻ آهي. پاڪستان بيت المال وزيراعظم عمران خان جي مديني جي رياست جي نموني تحت پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن موجب پناهگاهن جي جديد طرز تي نئين سر ڙجوجڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت جي احساس پروگرام سان شروع ڪيل ان منصوبي تحت ض??ور??مند ماڻهن کي پناهگاهن ۾ عارضي رهائش ڏيڻ سان گڏ ناشتو ۽ رات جو کاڌو پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان منصوبي مان اهڙا شهري ف??ئدو کڻي سگهندا جن وٽ شهر يا ڳوٺ ۾ پنهنجو گهر نه آهي يا اه?? روزگار جي سلسلي ۾ پنهنجي گهرن کان پري رهي رهيا آهن، بيروزگار مزدور، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو، غريب مسافر، مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ گڏ ايندڙ ماڻهو ۽ شاگرد وغيره ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. 49.5 ملين رپين جي لاڳت سان ان پروگرام جي شروعات هلندڙ سال ڪئي وئي هئي ۽ پهرين مرحلي ۾ ان جو دائرو اسلام آباد تائين محدود رکيو ويو آهي. ان منصوبي مان هيستائين هڪ لک 30 هزار 191 شهري ف??ئدو کڻي چڪا آهن. ان منصوبي تحت پناهگاهون اهڙي جڳهه تي تعمير ڪيون وينديون جتي ماحول دوست موسم ميسر هجي، عارضي يا نيم عارضي وسيع عمارت، رهائشگاهه ۾ پرفضا ماحول، آسان پهچ ۽ هر ڪمري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ماڻهو رهائش اختيار ڪري سگهن، پناهگاهن جي لاءِ عمارتون رياستي زمين يا عطيو ڪيل زمين تي پڻ قائم ڪيون وينديون. هر پناهگاهه ۾ 100 ض??ور??مند ماڻهن کي ناشتي جي ف??اهمي سان گڏ رهائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. هر پناهگاهه سينٽر ۾ 400 ماڻهن جي کاڌي جي گنجائش هوندي. پناهگاهه ۾ ض??ور??مند ماڻهن کي 24 ڪلاڪ شروعاتي طبي امداد جي سهولت ميسر هوندي. ض??ور?? پوڻ تي ڪنهن به ويجهي سرڪاري اسپتال مان طبي امداد پڻ ڏني ويندي. پناهگاهه ۾ صحتمند ماحول برقرار رکڻ جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ف??اهمي، واش رومز ۽ باٿ رومز سان گڏ اڱڻ جي صفائي سٿرائي جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو. پناهگاهن مان فائدو کڻندڙ شهرين جي سارسنڀال جي لاءِ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم جوڙيو ويندو جيڪو موثر ۽ شفاف پهچ جي طريقيڪار جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.