ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ا??غا??ستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمران ان ۽ ا??غا??ستان جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ا??غا??ستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي ل??ءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ج??ڪو پهريون ڀيرو ا??غا??ستان جي دوري تي ڪابل آيو، ا??غا?? صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الا??غا?? امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ا??غا?? حڪومت کي پاڪستان پاران ا??غا??ستان ۾ تشدد جي خاتمي ل??ءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان ا??غا??ستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن ا??غا?? صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي ل??ءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم ا??غا??ستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا ل??ءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان ا??غا??ستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ا??غا?? صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.