اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي ??قيني بڻائڻ جي سلسلي ?? تذويراتي صلاحيتن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي ??ضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ ب?? بريفنگ ڏني وئي.