اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ??اڪ??ر شهباز گل چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو نه وري شوبازن وانگر ڊرامي بازي ڪرڻ تي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪرپ?? چاچا جو دور هجي ها ته پنجاب انفارميشن ڊپارٽمينٽ ان جو انتظام ڪري رهيو هجي ها، اسڪرپٽ لکيو وڃي ها، ٽن طرفن کان ڪئيمرا، ه?? گلوبٽ گڏ زمين تي ڪرپ?? چاچا پرفارمر ڪري ها ۽ بس ڳاله?? ختم . وزيراعظم جي خاص مددگار موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن جون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ چيو ته هي اه?? بدقسمت درندا آهن جيڪي ان واقعي ۾ ملوث هئا، پنجاب پوليس جلد ئي کين گرفتار ڪري قرار واقعي سازا ڏياريندي، هن چيو ته وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سان رابطي ۾ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.