??سل??م آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي ??ين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي ??جيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ٽيڪس فري بجيٽ، صحت ۽ تعليم ۾ اضافي، مالي امداد جي پئڪيج ۽ ??ور??نا ??ائرس جي ??ورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آهي، امير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، اهي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي ??ورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. سينيٽ جي ??جلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي ??جيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي ??والي سان سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون وڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي ??فارشن کي سنجيدگي سان وٺون، چيو ويو ته معيشت جي ??راب حالت آهي، ائين نه آهي، ??ور??نا ??اڪ ڊائون کان اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ايترو خراب نه هو، پرائمري سرپلس پهريون ڀيرو ٿيو. 4800 ارب جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي ??والي سان پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿي، ايف بي آر پهرين کان وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ??ن حوالي سان اسان جي ??المي درجابندي بهتر ٿي، ايف اي ٽي ايف جي ??والي سان 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ??ور??نا جي ??فت سان پوري دنيا متاثر ٿي، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.