اسلام آباد – 20 ڊس??بر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري م??لڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوب?? تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلا??ُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي م??ي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگ?? تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي م??قع?? تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.