مدينه منوره – 28 – اپريل (اي پي ??ي) سعودي عرب جي ولي ع??د شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينه?? جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي مدينه منوره پهچي ويو. مديني جي گورنر فيصل بن سلمان السعود اعليٰ سعودي ع??لدارن سان گڏ هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهرين غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي ع??د شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان م??اقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم روضه ﷺ تي حاضري ڏيندو ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪندو. ان م??قعي تي ٻئي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي ع??ائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آه?? جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. پاڪستا?? جي عوام حر??ين شريفي?? جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.