اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز هڻڻ صحافين کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا و??ڪرز تي ظلم ڪ??و، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ صحافين کي انهن جي ذميوارين کان روڪڻ جي لاءِ جيمرز لڳايا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري مان جيمرز فوري ??ور تي هٽايا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ جيمرز لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر ۾ جيمرز لڳايا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا و??ڪرز تي ظلم ڪيو و??و، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ جيمرز لڳائي ميڊيا کي صحافتي ذميوارين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿيڻي ??ئي ان وقت به ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز لڳل هوندا ته ميڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته جيمرز لڳائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري ??گهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري ??ور تي پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر مان جيمرز هٽايا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته نالائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو ويو آهي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو ويندو. هن چيو ته ننڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، جيمرز کي فوري ??ور تي هٽايو وڃي.