اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد ۽ غنده گردي جو اهو و??قعو فاشزم آهي. هن چيو ته عمران خان جي مايوسي ۽ تشدد تي اتس??هڻ جي ڪري اسان جي معاشري کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اهي پاڻ جمهوريت تي حملي آور آهن.