اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناظم الام??ر ڦينگ چنگزو وزير??عظ?? هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزير??عظ?? جو عهدو سنڀالڻ تي چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چين جي ناظم الامور زور ڏنو ته چين وزير??عظ?? شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ چين اق??صادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزير??عظ?? جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي ت?? ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي وزير??عظ?? چين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت اعزاز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزير??عظ?? صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پاڪست??ن جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??ن جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي چين پاڪستان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزير??عظ?? پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته چين سان دوستي پاڪستان ۽ چين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پاڪست??ن جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. وزير??عظ?? هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.