اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي، ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ پاڪستان تحريڪ انصاف تي عوامي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. وزي??اع??م عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ شامل هئا. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي سطح تي ملڪ جي واحد گراس روٽ ليول جي پارٽي آهي، پئسن سان عوامي ميڙ نه ٿا ڀرجي سگهجن، جڏهن قوم ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ نڪري ٿي ته عوامي ميڙ امر بالمعروف جهڙا هوندا آهن. وزي??اع??م چيو ته توهان سڀني ۾ اهي چهرا نظر ??چي رهيا آهن جن پارٽي ۾ ورڪر طور شموليت ??ختيار ڪئي ۽ اڄ ??يو??نن ۾ پنهنجي تڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، جڏهن حڪمرانن جي نيت ??اف هجي ته ڀلي ڪيتري ئي وڏي اندروني يا ٻاهرئين سازش هجي ناڪام ٿئي ٿي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزي??اع??م کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ حقوق مارچ ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙ امر بالمعروف جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ وزي??اع??م جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، ڪامياب پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ﷺ ۽ اسلامو فوبيا جي لاءِ وزي??اع??م جي عالمي سطح تي ڪوششن ۽ گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزي??اع??م چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن کي سنڌ ۾ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ضلعي سطح تي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.