اسلام آباد – 11 211; مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان جاپان جي سفير متسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ??لاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئر??ين چيو ته ايشيا ۾ هڪ انتهائي اهم ملڪ جي طور تي پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو. جاپان هڪ مستحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ اسان جاپان جي بهتر معاشي ماڊل جي تقليد ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، سينيٽ چيئر??ين ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ جاپان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سينيٽ چيئر??ين ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سينيٽ چيئر??ين ۽ جاپاني سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو