اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته حڪومت جي ڪاروبار ??وست پاليسين جي ڪري پاڪستان سڄي خطي ۾ صنعتن ۾ ??يڙ??ڪاري لاءِ ان وقت موزون ترين ملڪ آهي، صنعتن ۾ ٻاهرين ??يڙ??ڪاري سان نه رڳو روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز جي باري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ واپار واري صلاحڪار ??بدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خالد منصور، ??يڙ??ڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر اح??ن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي صنعت واري صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ صوبائي چي?? سيڪريٽريز ۽ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان چي?? ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي اسپيشل اڪنامڪ زونز جو نظام پلگ اينڊ پلي ماڊل تي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چي?? ته تاريخ ۾ پهريون ڀي??و اسپيشل اڪنامڪ زونز جي بورڊ آف گورنرز ۽ انتظاميه جي مقرري ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ مفادن جي عدم ٽڪراءُ جهڙن رخن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، اجلاس کي رشڪئي، ڌاٻيجي، بوستان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي کانسواءِ ايم 3 انڊسٽريل زون تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايم ٿري اڪنامڪ زون ۾ صنعتن جي قيام لاءِ 600 ايڪڙ زمين ميسر ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ بجلي جي فراهمي کانپوءِ انفرااسٽرڪچر تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجاس کي ??يڙ??ڪاري بورڊ پاران مقامي ۽ ٻاهرين ??يڙ??ڪارن لاءِ صنعتن جي قيام ۾ آساني لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن قدمن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.