اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اي ڪامرس جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، دنيا ۾ ڪاروبار جو مستقبل ٽيڪنالاجي جي بنياد تي اي ڪامرس پليٽ فارم سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ انٽر پرينيورز/ اسٽارٽ اپس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اي ڪامرس جي اهميت جو ادراڪ ڪندي ان ??ي گروٿ ۾ هر قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اسٽارٽ اپس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان ??ان ??سان ??ي نوجوان آبادي جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جيڪ?? دنيا جي ٻي وڏي نوجوان ??بادي آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽارٽ اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ڊيجيٽل سگنيچرز، انٽيليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس ۽ ع??رملڪي سڌوسنئون سيرپڪ??ري کي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان ??ڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي ڪامرس بي مثال رفتار سان ??رقي ڪري رهي آهي، هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي ويليو ۾ 2021ع ۾ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي سيڙپڪ??ري 37 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين وڌي. اهم اسٽارٽ اپس ۾ اي ڪامرس، لاجسٽڪ، فنٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ۽ سياسي معاملن و??ري ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، ايس ٽي زيڊ اي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.