ميڊرڊ– 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي ميڊرڊ ۾ اسپين جي نائبين جي ڪانگريس جي صدر ميري شل بتيت سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحۡم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??زي?? ان موقعي تي ڳالهائيندي چ??و ته اسپين، يورپي يونين ۾ پاڪستان جو انتهائي اهم حصيدار آهي، پاڪستان اسپين سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌ??ئڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ??يڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته هسپانوي پرڏيهي ??زي?? جي تازي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ملي، پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 سالا جشن کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. ڪورونا وبائي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي ??زي?? چيو ته اسان محدود معاشي وسيلن جي باوجود ??زي??اعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ??زي??اعظم عمران خان ڪمزور معيشتن کي ڪورونا وبا جي معاشي ۽ اقتصادي اثرن کان بچ??ئڻ لاءِ ”قرضن جي حوالي سان سهولت جي فراهمي“ جي تجويز ڏني جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. ڪورونا جهڙي عالمي وبائي چئلينج کي موثر انداز ۾ منهن ??يڻ لاءِ اسان کي عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان ويجهو پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ عدم استحڪام جي وڏي قيمت چڪائي آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي باعث پاڪستان کي 80 هزار قيمتي جانين جو نذرانو ۽ 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. پاڪستان شروع کان ئي انهي موقف کي اجاگر ڪندو اچي رهيو آهي ته افغانستان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، هن چيو ته افغانستان کي معاشي تباهي کان بچ??ئڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه ڪيو ويون ته پناهگيرن جي نئين يلغار سميت شديد خطرناڪ اثر سامهون اچي سگهن ٿا. افغانستان ۾ عدم استحڪام نه صرف خطي پر سڀني لاءِ خطري جو سب بڻجي سگهي ٿو. افغانستان ۾ 40 سالن جي بدامني کانپوءِ قيام امن جو هڪ موقعو ميسر اچي رهيو آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ جي غلطي نه روج??ئڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چ??و ته برسلز ۾ منهنجي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوربل سان ملاقات ٿي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، افغانستان ۾ هنگامي انساني صورتحال کي منهن ??يڻ لاءِ 19 ڊسمبر 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي ??زي??ن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، پرڏيهي ??زي?? يورپي يونين سميت، عالمي برادري پاران افغان عوام جي معاشي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ لاءِ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪ جو پليٽ فارم جوڙيو، پرڏيهي ??زي?? يورپي يونين پاران افغانين جي انساني مدد خاص طور تي اسپين جي پاران 20 ملين يورو جي عطئي کي ساراهيو. هسپانوي حڪومت پاران افغانستان ۾ ٻارن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي لاءِ ڪوششن جو اشارو، انتهائي واکاڻ جوڳو آهي، نائبين جي ڪانگريس جي صدر، ميري شل بتيت افغانستان کان هسپانوي شهرين جي محفوظ واپسي ۾ پاڪستان پاران ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.