اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته ن??جو??ن پاڪستان جو مستقبل آهن، ن??جو??نن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام ن??جو??ن ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪ??ي رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ ن??جو??نن جو ڪردا?? اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر ن??جو??نن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.