اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، روشن پنهنجو گهر اسڪيم تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪر?? ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪر?? سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اها اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪر?? سگهن ٿا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪر?? سگهندا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿ??ل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.